پوپٽي هيراننداڻي

پوپٽي هيراننداڻي

پوپٽي هيراننداڻي

پوپٽي هيراننداڻي: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار، ناول نگار، نقاد، اسڪالر، شاعره ۽ يگاني شخصيت جي مالڪ، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، 17 سيپٽمبر 1924ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ رامچند هيراننداڻيءَ جي گهر ۾ ڄائي. هن جو تعلق حيدرآباد جي عامل خاندان سان هو. هوءَ جڏهن ڏهن سالن جي هئي ته سندس پيءُ گذاري ويو. ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ان ئي اسڪول ۾ هوءَ ماسترياڻي مقرر ٿي. صبح جو اسڪول ۾ ماستري ڪرڻ سان گڏ، شام جو هوءَ ڪاليج ۾ پڙهڻ لڳي. فارسي ۽ سنسڪرت ٻولين ۾ هن کي شروع کان ئي دلچسپي هئي. بي. اي جي امتحان ۾ هن انگريزي ۽ سنڌيءَ سان گڏ سنسڪرت ۽ هندي به کنئي. هن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي اَوج تي رسائڻ لاءِ پاڻ سان ڪيل وچن کي پاڙيندي سڄي حياتي اڪيلي گذاري ۽ شادي نه ڪيائين. هن کي شاديءَ ۾ سوديبازي پسند نه هئي. ورهاڱي بعد ڀارت هلي وئي ۽ ممبئيءَ ۾ ماستري شروع ڪيائين. 1960ع ۾ نيشنل ڪاليج باندرا ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ مقرر ٿي، پر ساڳئي وقت هوءَ ڪامرس ڪاليج چرچ گيٽ ۾ به پارٽ ٽائيم پروفيسر هئي. پروفيسر جي عهدي تان ئي رٽائر ڪيائين. پوپٽي هيراننداڻيءَ هندستان ۽ هندستان کان ٻاهر ڪافي دنيا گهمي ڏٺي. سنڌي ٻوليءَ، ساهت، راڳ ۽ نرت جي پروگرامن، سماجي گڏجاڻين ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هوءَ ڀارت جي مختلف شهرن گانڌي ڌام، احمد آباد، جئپور، اجمير، انڊور، اُجين، ڀوپال، جهوناڳڙهه، لکنو، ڪانپور، ڪلڪتي، بئنگلور ۾ ويندي رهي. هندستان کان ٻاهر به ڪيترن ملڪن، جهڙوڪ: سينگاپور، هانگ ڪانگ، بئنڪاڪ، جاپان، ملائيشيا، انڊونيشيا، انگلنڊ، فرانس ۽ ڪئنري ٻيٽ وغيره جو سفر پڻ ڪيائين. پوپٽي هيراننداڻي سنڌيءَ جي تيز رفتار ليکڪائن ۾شمار ٿيندي هئي. سندس قلمي ڪاوشن جو تفصيل هن ريت آهي: ڪهاڻين جا مجموعا: (1) رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون (1953ع)، (2) پڪار (1953ع)، (3) ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو (1967ع)، (4) مون تو کي پيار ڪيو (1975ع، 1984ع ۽ 1991ع: ٽي ڇاپا)، (5) شهناز (1973ع )، (6) خزان جو دؤر پورو ٿيو (1976ع)، (7) زندگي نه ڪوتا، نه ڪهاڻي (1985ع)، (8) هُت توهين هِت اسين (1988ع)، (9) زندگيءَ جي ڦوٽڙي (1993ع)، (10) سرهي مشڪ (ننڍيون ڪهاڻيون: 1996ع)، (11) پوپٽي ني شريسٽ ڪهانيان (مراٺيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون: 1983ع)، (12) ڪفن ڊهکي زندگي مين (هندي ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون: 1985ع)، (13)Coward (انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون: 1987ع)، (14) چونڊ سنڌي ڪهاڻيون (ترتيب: هيري شيوڪاڻيءَ سان گڏ 2001ع). ناول: (1) منجو(1950ع)، (2) حسرتن جي تربت(1961ع)، (3) جيءَ ۾ جهوري، تن ۾ تات (1966ع)، (4) سيلاب زندگيءَ جو(1981ع 1982ع ۽ 1996ع: ٽي ڇاپا). مضمونن جا مجموعا، تحقيقي ڪتاب ۽ آتم ڪٿا: (1) هڪ پشپ پندرهن پنکڙيون (1962ع)، (2) ڀارت جي استري (1963ع)، (3) مان ڇا آهيان (ويدانيت جي سمجهاڻي)، (4) چرڻ چڻڪن چت ۾ (مضمون:1971ع)، (5) زنده سا قوم رهندي (سنڌي مضمون: 1976ع)، (6) ٻولي منهنجي ماءُ (1977ع)، (7) روح سندي رڃ، (8) ڀاشا شاستر (1962ع)، (9) سنڌي ساهت جي جهلڪ (1974ع)، (10) عزيز- شخص ۽ عالم (1978ع)، (11) سنڌي مسلمان ڪوين جي هنديءَ ۾ ڪوتا (1981ع)، (12). سنڌي ٻولي 1970ع، (13) شاهه: سنڌي تهذيب جو روح (1983ع)، (14). تنقيدي مضمون (1983ع)، (15) سنڌي ڪالهه ۽ اڄ (1985ع)، (16) ڏهن ڏينهن ۾ سنڌي سکو (1977ع، 1982ع، 1984ع، 1985ع، 1991ع؛ پنج ڇاپا)، (17) سنڌي ريتون رسـمـون ۽ رواج (1998ع)، (18) سـنڌي شـادي، نـرتـيه نـاٽـڪ (1988ع)، (19) سنڌي نرتيه ناٽڪائون ۽ ڀڳت (2001ع)، (20) سنڌوءَ کان گنگا جمنا (خط، شعر، مضمون ۽ انٽرويو: 1991ع)، (21) راڻي پدمڻي (ناٽڪ: 1984ع)، (22) سنڌي هستيون (1980ع)، (23) ماڻڪ موتي لال (شخصيتون: 1993ع)، (24) منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق (آتم ڪٿا: 1981ع، 1982ع، 1992ع، 1993ع، چار ڇاپا)، (25)Sindhi’s- The Scattered Treasure (1980)، (26) ڏاهي مَ ٿيان (مضمون: 2001ع)، (27) History of Sindhi Literature(1984ع)، (28) شاهه لطيف جا سورما ۽ سورميون، (29) سچ ٿا مرد چون (1997ع). شاعري: (1). روح سندي رڃ (شاعري: 1976ع)، (2). مان سنڌڻ (1982ع)، (3). دن هيٺان دٻلي، (4).(I Belong to Island (Poetry). ترجما: (1) شريمند ڀاڳوت (انگريزيءَ مان ترجمو: 1961ع: پنج ڇاپا)، (2) ڪبير (انگريزيءَ مان ترجمو: 1966ع)، (3) وويڪانند جي جيوني (هنديءَ مان ترجمو: 1963ع)پوپٽي هيراننداڻي ڪهاڻيڪار، ناول نويس، شاعر، ناٽڪ ڪار ۽ محقق طور مشهور آهي. سندس ڪهاڻيون ڏاڍيون سگهاريون آهن. ناول ۽ ڪهاڻي سندس من پسند موضوع آهن، پر پوپٽيءَ لسانيات ۾ به پنهنجا جوهر ڏيکاريا آهن.”ڀاشا شاستر“ ڪتاب هن 1962ع ۾ تڏهن لکيو هو، جڏهن سنڌيءَ ۾ لسانيات جي باري ۾ نه هئڻ جي برابر مواد موجود هو. ادب ۽ لسانيات تي سندس ٻيا به ڪتاب آهن، جھڙوڪ: (1) سنڌي ٻولي، (2) ٻولي منهنجي ماءُ، (3) هسٽري آف سنڌي لٽريچر وغيره آهن. پوپٽي سنڌيءَ جي بيباڪ ليکڪا رهي آهي. الهاس ننگر ۽ ممبئيءَ جي ادبي ڪلاسن ۾ توڙي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت دوران بيباڪي سان تنقيد ڪرڻ کان ڪڏهن نه ڪيٻايائين. هند ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ طور تسليم ڪرائڻ لاءِ هليل تحريڪ جي اڳواڻن مان هڪ هئي. اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا سان آخر تائين لاڳاپيل رهي. ناٽڪن ۽ سنڌي ثقافتي پروگرامن ۾ گهڻو حصو وٺندي رهي. ڀڳونتي ناواڻيءَ کان سنڌيت جا ڪلام ڳارائڻ کانسواءِ انيلا سندر کان ”سنڌيت جي سرهاڻ“ سنگيت پلي ڪرايائين. پهرئين پيار ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ سڄي عمر شادي نه ڪيائين. مرداڻي سماج جي ٿيندڙ هر وار جو مقابلو ڪيائين. بيمارين جو آماجگاه رهي، ڪيترائي آپريشن ڪرايائين، پر قلم جو ساٿ نه ڇڏيائين، پوپٽيءَ جي زندگيءَ تي ڪونج خاص نمبر (1975) ڪڍيو ۽ جگديش لڇاڻيءَ ۽ منوهر بيديءَ سندس شخصيت تي ريڊيو، ٽي. وي اســڪرپٽ ’پوپٽي، پو- ڦٽي‘ (1990ع) شايع ڪيو. پوپٽيءَ کي ادبي خـدمتن تي ڪيترائي اوارڊ ۽ انعام مليـا، جـن مـان ڪـجهه اهــم هـن ريـت آهـن. (1) ساهتيه اڪادمي اوارڊ (1982ع) آتم ڪٿا تي، (2) ادبي خدمتن تي ”گرو پرسڪار“ (1990ع) مهاراشٽر حڪومت پاران، (3) اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا پاران ”هڪ پشپ ۽ پنج پنکڙيون“ ڪتاب تي اوارڊ (1998ع)، (5) انٽرنيشنل لطيف اوارڊ (1990ع)، سدائين گڏ سنڌي ايسوسيئيشن پاران، (6) سنڌي نو رتن (1993ع) سنڌي ڪلچرل ايسوسيئيشن ممبئيءَ پاران. پوپٽي هيراننداڻي 16 ڊسمبر 2005ع ۾ ديهانت ڪيو.


لفظ پوپٽي هيراننداڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.09.17  عيسوي

پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، 17 سيپٽمبر 1924ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ رامچند هيراننداڻيءَ جي گهر ۾ ڄائي.


2005.12.16  عيسوي

پوپٽي هيراننداڻي 16 ڊسمبر 2005ع ۾ ديهانت ڪيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهاري لعل ڇاٻڙيا
پنڊت ڪشنچند جيٽلي
نور الدين سرڪي
سنڌو ميراڻي
قاضي خادم حسين
گنو سامتاڻي
سيد نور رضوي
پريتم ورياڻي
ديپچندر تلوڪچند چندر
حاجن شاهه هموطن سيتائي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون